ٺٽو(بلاول سمون) ٺٽي ضلعي ۾ گجو ڀرسان 3 سال اڳ ٽن جوابدارن ھٿان فائرنگ ڪري قتل ڪيل ھڪ نوجوان محمد خان ڪاتيار جي ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ ٺٽو جي عدالت ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو ميڊم مشتري خانم جي عدالت 3 سال اڳم PS گهارو تي داخل ڪيل قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايندي مقتول محمد خان ڪاتيار کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن مهتاب ڪاتيار شھباز ڪاتيار ۽ نظر محمد ڪاتيار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي مٿن 2-2 لک روپيه ڏنڊ عائد ڪري ڇڏيو .

