نيو يارڪ: اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتنياهو اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عرب ۽ مسلم ملڪن نيتن ياهو جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب دوران، مسلم ملڪن جا مندوب اٿي اسيمبلي هال مان واڪ آئوٽ ڪندا.
ياد رهي ته نيتن ياهو تازو ئي “گريٽر اسرائيل” منصوبي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي مسلمان اڳواڻن عرب دنيا جي سلامتي ۽ خطي جي استحڪام لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي.
اڄ جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف، چيني وزيراعظم لي ڪيچيانگ ۽ بنگلاديش جو چيف ايڊوائيزر محمد يونس پڻ خطاب ڪندا.

