ڪوئٽه ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي خودڪش حملو، 10 شهري شهيد، 30 کان وڌيڪ زخمي

HomeFeatured Newsڪوئٽه ۾ ايف...

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽه جي ماڊل ٽائون واري علائقي خوجڪ روڊ تي ايف سي هيڊڪوارٽر جي مرڪزي دروازي تي خودڪش ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 بيگناهه شهري شهيد ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 4 عورتون شامل آهن۔

ڌماڪي جي شدت ايتري هئي جو ويجهي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ بيهندڙ گاڏين کي سخت نقصان پهتو۔ سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙن جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته خودڪش بمبار سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا۔ ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ جي آواز سان علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب، حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل گاڏي ايف سي هيڊڪوارٽر جي دروازي سان ٽڪرائي، جنهن سبب سوين فٽ پري تائين نقصان ٿيو۔ ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته هي حملو بلوچستان ۾ جاري دهشتگردي جي سلسلي جو حصو هو، پر فورسز جي بروقت ردعمل سان هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي۔

صوبائي وزيرِ صحت بخت محمد ڪاڪڙ سول اسپتال ڪوئٽه مان تصديق ڪندي ٻڌايو ته شهيدن ۾ 4 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ انهن کي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي۔

وفاقي وزيـر داخلا محسن نقوي ايف سي جي جوانن جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته انهن فتنۃ الہندوستان جي 6 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو، جن ۾ خودڪش بمبار به شامل هو۔ هن زخمي جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۔

وزيرِاعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جي بزدلانه ڪارروائي جو مقصد امن خراب ڪرڻ هو، پر سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي سان انهن کي فوري طور واصلِ جهنم ڪيو ويو۔ هن شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته زخمين جي علاج جو خرچ صوبائي حڪومت برداشت ڪندي۔

واقعي کان پوءِ ڪوئٽه شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، ايف سي ۽ پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊز کي الرٽ ڪيو ويو آهي۔ ترجمان ايف سي موجب هيڊڪوارٽر جي ديوارون ۽ گيٽ متاثر ٿيا آهن، پر اندروني تنصيبات محفوظ آهن۔

سيڪيورٽي ادارن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ۽ محرڪات جي جاچ جاري آهي، ۽ امڪان آهي ته هي حملو مقامي دهشتگرد گروپن سان لاڳاپيل هجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پشاور: ايف سي هيڊڪوارٽر تي...

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي ٿيل خودڪش حملو ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ ٽيئي دهشتگرد مارجي...

ڪوئٽه ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر...

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون واري علائقي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊڪوارٽر تي ٿيل خودڪش حملي ۾ ملوث ٻن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});