ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون واري علائقي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊڪوارٽر تي ٿيل خودڪش حملي ۾ ملوث ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ نادرا جي فنگر پرنٽ ذريعي ڪئي وئي آهي، جن مان هڪ جو تعلق ميرئي اڏي ۽ ٻئي جو چاغي سان آهي۔
سي ٽي ڊي ذريعن موجب، حملي ۾ مارجي ويل ٻين دهشتگردن جي عضون کي فرانزڪ لاءِ پنجاب موڪليو ويو آهي، جڏهن ته نامعلوم دهشتگردن خلاف انسداد دهشتگردي ايڪٽ 1997 جي لاڳاپيل شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
سيڪيورٽي ذريعن مطابق، 30 سيپٽمبر 2025 جي صبح، ماڊل ٽائون پشين اسٽاپ ڀرسان هڪ سوزوڪي وين ۾ بارودي مواد ڀري خودڪش حملو ڪندڙ ايف سي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ گاڏي جيئن ئي سيڪيورٽي حصار جي ويجهو پهتي ته فورسز فوري ردعمل ڏيندي فائرنگ شروع ڪئي۔
شدت واري جهڙپ دوران خودڪش حملو ڪندڙ سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا، جن مان هڪ حملو ڪندڙ ڌماڪي کان اڳ ئي مارجي ويو۔ ان واقعي ۾ 12 بيگناهه شهري شهيد ۽ 35 زخمي ٿيا۔

