ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سامونڊي پٽي تي موسمي حالتن ۾ تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي، جتي هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود هجڻ سبب اڄ به گج گوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي پاران جاري ڪيل ٽئين ٽروپيڪل سائڪلون الرٽ موجب، هوا جو گهٽ دٻاءُ هن وقت ڀارتي رياست گجرات جي مٿان موجود آهي، جيڪو اولھندي طرف وڌي اتر اوڀر عربي سمنڊ ۽ سوراشٽرا سمندر جي ويجهو پهچي چڪو آهي.
ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران هي سسٽم وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ ابتدائي طور تي اولھھ ۽ ڏکڻ اولھھ طرف وڌڻ جو امڪان آهي.
موسمي سسٽم جي اثر هيٺ اڄ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جن ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگھڙ، ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد، جامشورو، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ڪراچي ڊويزن شامل آهن ۾ مٽي، گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
سامونڊي حالتون پڻ خراب رهڻ جو امڪان آهي، جتي هوائون 45 کان 55 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب سمنڊ اڻ برابر ۽ انتهائي اڻ برابر ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي سنڌ جي ماهيگيرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو 3 آڪٽوبر تائين اونھي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.
سائڪلون وارننگ سينٽر، ڪراچي موسمي سسٽم جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ حالتن جي موجب اپڊيٽ جاري ڪندو.

