اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ سال جي برساتن دوران جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي آهي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت حڪومتي حڪمت عملي جو جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي، منصوبابندي واري وزارت ۽ نئشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي صوبن سان گڏجي ڊگهي ۽ وچولي مدتي منصوبابندي تي زور ڏنو ويو.
وزيراعظم نئشنل واٽر ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن پاڻي جي بهتر انتظام لاءِ قومي سطح تي منصوبابندي ٿي سگهي. اجلاس دوران عالمي اعشاريه جي روشني ۾ ايندڙ مون سون جي امڪاني صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلي ۾ ڪردار نه هجڻ جي باوجود، ملڪ ان جي سخت اثرن جي لپيٽ ۾ آهي. هن واضح ڪيو ته هر ٽئين سال پاڪستان کي جي ڊي پي جو وڏو حصو موسمياتي آفتن جي بچاءَ تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاالله تارڙ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڊگهي مدي وارن منصوبن جي منظوري ڏيندي فوري عملدرآمد جي هدايت ڪئي.

