اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته مغربي هوائن ۽ عربي سمنڊ کان ايندڙ نم هوائن جي ڪري، 15 سيپٽمبر جي شام کان 19 سيپٽمبر تائين ملڪ جي مٿانهين حصن ۾ تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته خيبر پختونخواه ۾ دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، مالاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، هنگو، ڪرڪ ۽ وزيرستان ۾ 16 کان 19 سيپٽمبر تائين طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي. احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي، متاثر علائقن جي شهرين ۽ مسافرن کي موسميات کاتي جي تازي معلومات کان آگاهه رهڻ گهرجي.
شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو تيز برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ جبلن جي علائقن ۾ شهري ٻوڏ يا لينڊ سلائيڊنگ جي خطري کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.
موسميات کاتي موجب، ڪشمير ۾ مينهن ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي. جن علائقن ۾ مينهن جو امڪان آهي انهن ۾ نيلم وادي، مظفر آباد، راولا ڪوٽ، پونچھ، هٽين، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور شامل آهن.
هي سلسلو 15 سيپٽمبر جي رات کان 19 سيپٽمبر تائين جاري رهي سگهي ٿو، جڏهن ته 16 ۽ 18 سيپٽمبر تي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.
ساڳيءَ طرح، گلگت بلتستان ۾، 16 سيپٽمبر کان 19 سيپٽمبر تائين ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گانچهي ۽ شگر ۾ مينهن ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، 16 کان 19 سيپٽمبر تائين پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چکوال ۽ جهلم ۾ گجگوڙ ۽ هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گجرانوالا، حافظ آباد، وزير آباد، لاهور، قصور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، ساهيوال، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ فيصل آباد ۾ مينهن جو امڪان آهي. ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان پڻ آهي.
ان دوران، سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، پر ساحلي علائقن ۾ جزوي طور تي ڪڪر واري موسم جي توقع آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هوائون، ڳڙي ۽ بجلي جي ڪري ڪمزور اڏاوتن جهڙوڪ مٽيءَ جا گهر، بجلي جا ٿنڀا، بل بورڊ، گاڏيون ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جبلن وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو آهي. 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي تيز برساتن جي ڪري، دير، سوات، شانگلا، بونير، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، چارسده، نوشهره، صوابي، مردان، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪشمير جي مقامي نالن ۽ دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي سگهي ٿو.
موسميات کاتي چيو ته عوام، مسافرن ۽ سياحن کي احتياط ڪرڻ ۽ ڪمزور يا خطرناڪ علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو محتاط رهن ۽ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن.

