ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ ٻيهر قيمت وڌي وئي آهي.
بين الاقوامي بلين مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن في اونس سون جي قيمت اوچتو 35 ڊالر وڌي 3,890 ڊالر جي نئين بلند سطح تي پهچي وئي، جنهن جو اثر مقامي صرافه بازارن تي به پيو.
مقامي سطح تي 24 قيراط واري في تولي سون جي قيمت 3,500 رپيا وڌي 4 لک 10 هزار 278 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي، جڏهن ته في 10 گرام سون جي قيمت 3,001 رپيا وڌي 3 لک 51 هزار 747 رپين تي پهچي وئي آهي.

