اسلام آباد (نمائندو خصوصي) سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار جي پسمنظر ۾ صدر آصف علي زرداري وفاقي گھرو وزير محسن نقوي کي فوري طور تي ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي.
صدر زرداري پاران گھرو وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو، جنهن دوران ٻنهي صوبن جي وچ ۾ پيدا ٿيل سياسي ۽ انتظامي ڇڪتاڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
صدر مملڪت جي هدايت تي وفاقي گھرو وزير کي ڪراچي روانو ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، جتي هو صورتحال جو جائزو وٺي سياسي گرما گرمي کي گهٽائڻ لاءِ اهم ملاقاتون ڪندا.
واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ سيلاب متاثرن جي امداد جي حوالي سان اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو مطالبو آهي ته متاثرن جي مدد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ذريعي ڪئي وڃي، جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان طريقيڪار کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ان اختلاف سبب ٻنهي صوبن جي وزيرن پاران مسلسل پريس ڪانفرنسون ڪري هڪ ٻئي تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. صدر زرداري جي مداخلت سان اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته وفاقي سطح تي تڪرار کي سلجهائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

