دوحه(ويب ڊيسڪ) دوحه ۾ منعقد ٿيل ٻي عالمي سربراهي ڪانفرنس براءِ سماجي ترقي جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ٿي، جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
صدر زرداري چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان تاريخي، ثقافتي ۽ لساني رشتن تي ٻڌل لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ۽ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو عزم ورجايو۔
هن 2024 ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جو مظهر قرار ڏنو، جڏهن ته CASA-1000 منصوبي جي بحالي کي مشترڪ خوشحالي ڏانهن اهم قدم قرار ڏيندي، تاجڪستان کي پاڪستان جي ذريعي واپار ۽ رابطن جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ سڌي پروازن جي بحالي تي غور جي دعوت ڏني۔
صدر زرداري اگسٽ 2025 ۾ ٿيندڙ گڏيل فوجي مشق ’دوستي-II‘ کي ساراهيندي، دفاعي تعاون ۽ صلاحيتن جي واڌاري لاءِ معاونت جي آڇ پڻ ڪئي۔
ملاقات دوران خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قطر ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا، جيڪي سفارتي سطح تي لاڳاپن جي مضبوطي جو حصو بڻيا۔

