راولپنڊي: تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ممڪن مارچ جي اعلان کانپوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا ويا آهن. مختلف اهم رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جڏهن ته جڙيل شهرن مان ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو به جاري آهي.
ٽي ايل پي پاران فيض آباد کان آمريڪن ايمبيسي يا اقصى ملين مارچ جي سڏ ڏني وئي آهي، جنهن جي سلسلي ۾ راولپنڊي جي انتظاميه ۽ پوليس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب، شهر ۾ وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ۽ هن وقت تائين 117 ڪارڪنن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
امن امان برقرار رکڻ لاءِ اهم چوراهن ۽ شاهراهن جي بندش جو منصوبو به غور هيٺ آهي. پوليس کي ڪنٽينر مهيا ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، جيڪي ضروري صورت ۾ مري روڊ سميت ٻين اهم رستن تي رڪاوٽ طور استعمال ڪيا ويندا.
راولپنڊي پوليس ڪنٽينر ۽ ٽرالر تحويل ۾ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ شاهراهن جي ڪنارن تي بيهاريا ويا آهن. اسلام آباد ۾ فيض آباد جنڪشن جي ويجهو به ڪنٽينر پهچايا ويا آهن ته جيئن ممڪن احتجاج جي صورت ۾ رستن جي بندش کي يقيني بڻائي سگهجي.

