اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته فلسطيني عوام جي خواهش موجب غزه ۾ جنگ بندي ۽ امن معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ٽي ايل پي کي تڪليف ٿي رهي آهي، ۽ هو احتجاج جي نالي تي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته ٽي ايل پي جي احتجاجي اعلان کانپوءِ مختلف صوبن ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون، جتي اسلام آباد ۽ پنجاب مان گرفتار ٿيل ڪارڪنن وٽان پوليس تي حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ آيو، جنهن ۾ ڪيل وارا ڏنڊا، ڪيميڪل، شيشي جون گوليون، شيل گن، آنسو گئس شيل ۽ بچاءَ جا ماسڪ شامل هئا.
هن چيو ته ٽي ايل پي کي هاڻ غزه ۾ امن ٿيڻ تي مسئلو آهي، ۽ هو احتجاج جي نالي تي فساد ڪرڻ چاهين ٿا. وفاقي حڪومت اهڙي انتشاري سياست جي اجازت نه ڏيندي ۽ قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
طلال چوڌري ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان بي خوف انداز ۾ فلسطين جو ڪيس عالمي فورمن تي پيش ڪيو، جتي دوائون، غذائي امداد، ميڊيڪل تعليم، عارضي اسپتالون ۽ زخمين جي منتقلي سميت عملي قدم کنيا ويا. پاڪستان انهن 8 مسلم ملڪن مان آهي، جن امن منصوبي لاءِ صدر ٽرمپ سان ملاقاتون ڪري تجويزون ڏنيون.
هن چيو ته فلسطيني عوام کي بيانن نه پر امن ۽ پنهنجو وطن کپي، ۽ بيشمار مسلم ملڪن جي ڪوششن سان 20 نڪاتي امن ايجنڊو جو پهريون مرحلو منظور ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٽي ايل پي جي احتجاجي رٿا سوالن جي زد ۾ آهي.
وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي فيصل مسجد ويجهو اجازت وٺي پُرامن پروگرام ڪيو، پر ٽي ايل پي نه اجازت ورتي، نه ئي ايس او پيز تي عمل جو يقين ڏياريو. هن الزام لڳايو ته ٽي ايل پي جي سربراهه جون تقريرون اشتعال انگيز ۽ گاريون ڀريون آهن، ۽ انهن جو احتجاج امن جي خلاف آهي.
طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ گرفتار ٿيل ماڻهو ٽي ايل پي جا بنيادي عهديدار آهن، جن وٽان پوليس تي حملن لاءِ گوليون، نمڪ، ڪيميڪل، ماسڪ ۽ هٿيار مليا. هن دعويٰ ڪئي ته ڀارتي جارحيت وقت به ٽي ايل پي قوم جي ڌيان هٽائڻ لاءِ مارچ جي رٿابندي ڪئي هئي.
آخر ۾ هن چيو ته غزه امن معاهدو امت مسلمه جي ڪاميابي آهي، جنهن تحت اسرائيلي فوج غزه مان نڪرندي، ۽ هاڻ احتجاج جي نالي تي فساد نه هلندو. خوراک يا ادويات لاءِ نه، پر چندا سان ڪيل وارا ڏنڊا خريديا ويا، جيڪو اصل نيت کي ظاهر ڪري ٿو.

