سنڌ لاءِ نئون مالي ويزن — مراد علي شاهه: هر عورت ۽ مرد کي خودمختيار بڻائڻ جو عزم!

Homeاهم خبرسنڌ لاءِ نئون...

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو ويزن بلڪل واضح آهي، اهڙي خوشحال سنڌ، جتي هر باصلاحيت عورت ۽ مرد کي مالي وسيلن تائين برابريءَ سان رسائي حاصل هجي، هو پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، خودمختيار بڻجن ۽ گڏجي صوبي جي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ حصو وٺن.

وڏي وزير سنڌ حڪومت جي غربت ۾ گهٽتائي ۽ مالي شموليت جي ميدان ۾ حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ محروم طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن ۽ ٻھراڙي وارن خاندانن جي ترقي لاءِ اڳتي ڏسندڙ حڪمتِ عملي جو اعلان ڪيو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن مقامي هوٽل ۾ پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل نائين سالياني مائڪروفائنانس ڪانفرنس 2025 جي اختتامي سيشن ۾ خطاب ڪندي ڪيون. وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو هو جنهن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ جامع حڪمتِ عملي اختيار ڪئي جنهن جو مرڪزي جزو مالي شموليت آهي. هن چيو ته پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام (PPRP) ۽ SUCCESS پروگرام ذريعي هاڻي رڳو ٻن ضلعن مان وڌي 24 ضلعن تائين عملدرآمد وڌايو ويو آهي جنهن ۾ لکين ٻھراڙي وارن خاندان ڪميونٽي تنظيمن جو حصو بڻيا آهن. 170 هزار کان وڌيڪ عورتن کي ڪميونٽي قرضن ذريعي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جا موقعا مليا آهن جنهن ٻھراڙي سنڌ جي معيشيت جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو طريقو رڳو مائڪرو ڪريڊٽ تائين محدود ناهي رهيو پر هاڻي اسڪِل ٽريننگ، سماجي متحرڪ ڪرڻ، موسمياتي لحاظ سان محفوظ گهر، پاڻي ۽ بنيادي ڍانچو، ٻھراڙي ۾ روڊن جو ڄار ۽ مقامي دستڪارن لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ جهڙن شعبن ۾ به وڏو ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي سنڌ جي ترقياتي حڪمتِ عملي ۾ موسمياتي مزاحمت کي بنيادي حصو بڻايو ويو آهي. سندي حڪومت، ٻوڏن ۽ شديد موسمي تبديلين کان بحاليءَ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي، فلوڊ رِڪوري، ڊيزاسٽر تياري، ۽ موسمياتي تبديلي کان محفوظ گهرن کي پنهنجي ترقياتي ماڊل جو حصو بڻايو آهي جيئن ماڻهو صرف زنده نه رهن پر اڳتي وڌن. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڪاميابين ۾ عالمي ڀائيوارن جو اهم ڪردار رهيو آهي. يورپي يونين پاران SUCCESS ۽ PAIDAR پروگرامن ۾ مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو جڏهن ته UNIDO فنانس ۽ انٽرپرائز سپورٽ ۾ ٽيڪنيڪل ساٿي طور ڪم ڪيو. پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ، مائڪروفائنانس بئنڪون ۽ فن ٽيڪ ڪمپنيون به هن عمل ۾ شامل رهيون آهن جن پاليسي سڌارن، نينو لون ۽ موبائل والٽس جهڙيون سهولتون مهيا ڪيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته عورتون هن تبديلي جي مرڪز ۾ آهن ڇوته قرض حاصل ڪندڙن ۾ لڳ ڀڳ اڌ عورتون آهن. هن ADB جي Women Inclusive Finance Facility جي به ساراهه ڪئي جنهن عورتن لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ ۾ واڌارو آندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ نئون Inclusive Finance Roadmap تيار ڪيو آهي جنهن تحت يورپي يونين ۽ UNIDO-PAIDAR سان گڏجي بلينڊڊ فنانس گارنٽي فسيلٽي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ سستو قرض مهيا ڪندي. ان کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ صوبائي فنڊنگ ۽ تجارتي بئنڪن سان لاڳاپا وڌايا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته ڊجيٽل تبديلي به هن حڪمتِ عملي جو اهم حصو آهي. سندھ حڪومت موبائل بئنڪنگ، ڊجيٽل والٽس ۽ فن ٽيڪ ڀائيوارين کي فروغ ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ٻھراڙي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ سهولتون، ڊجيٽل ڄاڻ ۽ مالي تعليم کي وڌائڻ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن پٺتي پيل علائقا به شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بين زمين ھارين، نوجوانن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص مالي سهولتون تيار ڪيون پيون وڃن جن ۾ گروپ گارنٽي، ويليو چين فنانسنگ ۽ اسلامي مائڪروفائنانس شامل آهن ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ سادي تصديق جو عمل اختيار ڪيو پيو وڃي. نئين ماڊل ۾ ڪلائميٽ سمارٽ اپروچز پڻ شامل آهن جيئن فصل ۽ مال جي انشورنس، هنگامي قرض، بچت جون سهولتون، شمسي توانائي تي ٻڌل آبپاشي ۽ ٻوڏ کان محفوظ گهرن لاءِ گرين فنانسنگ. اهي سڀ PAIDAR اسٽڊي جي نتيجن مطابق ترتيب ڏنا ويا آهن جيئن مالي شموليت کي موسمياتي موافقت سان ڳنڍي سگهجي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ماهرن بينڪن، مائڪروفائنانس ادارن، ڊونرز، فن ٽيڪ ڪمپنين ۽ ريگيوليٽرز کي اپيل ڪئي ته هو “Sindh’s Financial Landscape” اسٽڊي جي نتيجن کي پاليسي سازي ۽ نون مالي حلن ۾ استعمال ڪن. سيد مراد علي شاهه چيو سنڌ حڪومت تيار آهي ته انهن ماڊلز کي سڄي صوبي ۾ آزمائي، وڌائي ۽ لاڳو ڪري. اسان جو ارادو پڪو آهي، اهڙي سنڌ جتي هر عورت ۽ مرد کي مالي سهولت ملي، روزگار جو موقعو پيدا ٿئي ۽ گڏيل خوشحاليءَ ۾ حصو ملي. تقريب جي پڄاڻي ترقياتي ساٿين جي مهرباني ۽ سنڌ کي وڌيڪ مضبوط، شامل ۽ موقعي سان ڀرپور بڻائڻ جي نئين عزم سان ٿيو۔ هن موقعي تي پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ جي سي اي او سيد محسن احمد ۽ ٻين ماهرن پڻ خطاب ڪيو۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ اسيمبليءَ ۾ آغا شهباز...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ آغا شهباز دراني جي حلف برداري جي موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي...

سنڌ جي وڏي وزير سيد...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل...

ڪراچيءَ ۾ رڳو نالن جي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رڳو نالن جي صفائي سان...

هاڻي ٻهراڙي وارن علائقن ۾...

ڪراچي ( اسٽاف رپوٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});