ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ آغا شهباز دراني جي حلف برداري جي موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جذباتي خطاب ڪيو ۽ آغا شهباز، سندن خاندان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي۔
وزيراعليٰ چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي اعتماد ڪندي آغا شهباز کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو، جيڪو سندن خاندان لاءِ فخر جو لمحو آهي۔ مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ يادگيريون ورجائيندي چيو ته هو بچپن کان آغا خاندان کي ڏسندو رهيو آهي۔ جڏهن هو ننڍو هو ته هن اسيمبلي ۾ آغا صدرالدين دراني کي ڊپٽي اسپيڪر جي حيثيت سان ڏٺو، جيڪي پراڻي هال ۾ چهل قدمي ڪندا ۽ گيلري ۾ ويهندا هئا۔
وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته ماڻهو چون ٿا آغا شهباز هلڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ پنهنجي والد جهڙو آهي، جڏهن ته هو پاڻ به ڏسي چڪو آهي ته شهباز پنهنجي ڏاڏي جيان هلي ٿو ۽ ساڳي ڳري آواز ۾ ڳالهائين ٿا، جيڪا مرحوم آغا صدرالدين دراني جي سڃاڻپ هئي۔
مراد علي شاهه آغا سراج دراني بابت به ڳالهايو ۽ چيو ته اسان سڀني کين ڀاءُ جيان ڏٺو۔ 2008 ۾ جڏهن هو پهريون ڀيرو ڪابينا جو ميمبر ٿيو ته سندس سيٽ آغا سراج جي ڀرسان هوندي هئي، ان وقت قائم علي شاهه وزيراعليٰ هئا ۽ هنن کان گهڻو ڪجهه سکيو۔ هن چيو ته آغا سراج دراني سندس والد جي زماني ۾ به ڪابينا جو حصو رهيا، تنهنڪري آغا خاندان سان سندس رشتو پراڻو ۽ گهرو آهي۔
وزيراعليٰ مراد علي شاهه آغا شهباز کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته کيس پوري اميد آهي ته شهباز سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ مفاد لاءِ ڪم ڪندا۔ هن چيو ته آغا شهباز حلف کڻندي واضح ڪيو آهي ته سندن مقصد عوام جي خدمت آهي، ۽ اهو ئي عهد هر پيپلزپارٽي ميمبر ۽ اسيمبلي جي هر رڪن جو هوندو آهي ته هو پنهنجي حلقن، سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن۔
مراد علي شاهه چيو ته کيس يقين آهي آغا شهباز پوري لگن سان عوام جي اميدن تي پورو لهندا۔ هن مرحوم آغا سراج جي خاندان کي به مبارڪباد ڏني ته هنن آغا صاحب جي مشن کي جاري رکندي شهباز کي چونڊيو ۽ مڪمل سهارو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هو اڄ اسيمبلي جو ميمبر بڻيا آهن۔
وزيراعليٰ آخر ۾ چيو ته هو پنهنجي، پنهنجي پارٽي ۽ سڄي اسيمبلي جي طرفان آغا شهباز کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو۔

