ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، واپار، سياحت ۽ ثقافتي رابطن جي واڌاري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
وڏي وزير ايران جي نئين قونصل جنرل کي سنڌ ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس خيرمقدم ڪندي چيو ته “ايران اسان جو مسلم برادر ملڪ آهي، جنهن سان تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپا آهن.” قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده وزيراعليٰ جي مبارڪباد تي ٿورائتو ٿيو ۽ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ پيش ڪئي، جنهن تي وزيراعليٰ چيو ته “اوهان جي تعزيت مرحوم جي خاندان تائين ضرور پهچائيندس.”
ملاقات دوران قونصل جنرل طرفان سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، تجارتي ۽ سياحتي سرگرمين کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ ايران جي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.
وزيراعليٰ مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده جي دور ۾ پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ خاص طور تي ڪراچي ۽ تهران جي واپار کي 5 بلين کان 10 بلين رپين تائين وڌائڻ، تجارتي نمائشون ڪرائڻ، ۽ ثقافتي رابطن کي ميڊيا ذريعي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو.
زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبن ۾ گڏيل ڪم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته وزيراعليٰ اعلان ڪيو ته انهن شعبن جا لاڳاپيل وزير جلد قونصل جنرل سان ملاقات ڪندا.
ان موقعي تي ڪراچي ۽ تهران جي وچ ۾ سڌي پروازن جي شروعات تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن بابت وزيراعليٰ چيو ته “سڌي پرواز سان اسان جي زائرين کي آسان سفر مهيا ٿيندو، ۽ ان لاءِ نجِي ايئرلائنز سان به رابطو ڪنداسين.”
سنڌ جي وڏي وزير ايران جي صدر مرحوم ابراهيم رئيسي جي سنڌ آمد کي اعزاز قرار ڏيندي چيو ته اها ملاقات تاريخي اهميت رکي ٿي. قونصل جنرل طرفان وڏي وزير کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني وئي، جيڪا سيد مراد علي شاهه قبول ڪندي چيو ته “جلد ايران جو دورو ڪندس.”

