پشاور: پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي ناسور سان وڙهي رهيو آهي، پر ان کي جڙ کان اکوڙڻ لاءِ سڀني کي گڏجي قدم کڻڻو پوندو.
پشاور ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته خيبر پختونخوا جي بهادر عوام جي وچ ۾ اچي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن قربانين کي سلام پيش ڪرڻ آيو آهيان.
هن ٻڌايو ته خيبر پختونخوا ۾ 14,500 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته هن سال مارجي ويل خارجي دهشتگردن جو انگ گذريل ڏهن سالن کان به وڌيڪ آهي. هن الزام لڳايو ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي جاءِ ڏني وئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ سياسي ۽ فوجي قيادت گڏجي قومي ايڪشن پلان تيار ڪيو، پر ان تي مڪمل عمل نه ٿيڻ سبب دهشتگردي وڌي وئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون موجود آهن، ۽ ڀارت انهن کي پٺڀرائي ڏئي رهيو آهي. ڀارت جو افغانستان کي دهشتگردي جي بنياد طور استعمال ڪرڻ به هڪ وڏو سبب آهي. آمريڪا جي انخلا کانپوءِ ڇڏي ويل هٿيارن جو وڏو حصو دهشتگردن جي هٿ لڳو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڇا هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه آهي؟ جيڪڏهن ائين هجي ها ته غزوہ بدر جهڙي جنگ نه ٿئي ها. دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو سياستدانن ۽ قبائلي اڳواڻن گڏجي ڪيو.
هن چيو ته 2014 ۽ 2021 ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪيو ويندو، پر اڄ به ڪي پي پوليس جي نفري صرف 3200 آهي. اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته خيبر پختونخوا ۾ گورننس جي کوٽ کي سيڪيورٽي فورسز جا جوان پنهنجي رت سان پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به فرد کي اجازت نه آهي ته هو ذاتي مفاد لاءِ رياست ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جو سودو ڪري.
هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين افغان ڀائرن جي مهمان نوازي ڪئي، پر هاڻي افغان مهاجرن جي واپسي بابت رياست فيصلو ڪري چڪي آهي. ان تي سياست ڪئي پئي وڃي ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيه سامهون آندو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق افغانستان سان آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر خبردار ڪيو ته هاڻي اسٽيٽس ڪو نه هلندو. جيڪي فرد يا گروهه خارجي دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن، انهن وٽ ٽي آپشن آهن:
– سهولتڪاري ڪندڙ دهشتگردن کي رياست حوالي ڪري؛
– رياستي ادارن سان گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو وٺي؛
– جيڪڏهن ٻئي ڪم نه ڪن ته رياست جي ڪارروائي لاءِ تيار رهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان اسان جو برادر اسلامي ملڪ آهي، پر اسان جو صرف هڪ مطالبو آهي ته افغانستان کي دهشتگردن جي آماجگاهه نه بڻايو وڃي. پاڪستان جي عوام جي تحفظ لاءِ جيڪي قدم ضروري آهن، اهي کنيا ويندا.

