افغانستان تي حملن سان دهشتگردي وڌڻ جو خطرو آهي، حل سياسي هجڻ گهرجي: عمران خان

Homeاهم خبرافغانستان تي حملن...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته افغانستان تي حملن جي نتيجي ۾ دهشتگردي وڌڻ جو خطرو آهي، ۽ ان مسئلي جو حل صرف سياسي طريقي سان ئي ممڪن آهي.

اڊياله جيل ۾ توشه خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان سان ملاقات کان پوءِ پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان، سينيٽر علي ظفر ۽ بيرسٽر سيف ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ سياسي تبديلي کان پوءِ باني سان اها پهرين ملاقات هئي، جنهن دوران عمران خان سڀني ايم پي ايز جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.

هنن ٻڌايو ته عمران خان علي امين گنڊاپور جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽ آهي، باني جنهن کي نامزد ڪندو، اهو ئي وزيراعليٰ بڻجندو. باني سڀني عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته حڪومت جو حق ان کي آهي، جنهن وٽ عوامي مينڊيٽ آهي.

عمران خان دهشتگردي جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، فوج به اسان جي آهي، شهيد به اسان جا آهن، عام ماڻهن جو رت نه وهڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته دهشتگردي جو خاتمو سياسي حل ذريعي ٿيڻ گهرجي.

بيرسٽر سيف موجب، عمران خان ٽي ايل پي خلاف تشدد جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان تي احتجاج ٿيڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته سندس خاندان فوج ۾ آهي، ۽ فوج سان ڪا دشمني ناهي. غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ بند ٿيڻ گهرجن.

عمران خان جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف اڳ به آپريشنز ٿيا آهن، پر صرف فوجي ڪارروائيون مسئلي جو حل ناهن. افغانستان تي حملن سان دهشتگردي وڌڻ جو خطرو آهي، ان لاءِ سياسي حڪمت عملي ضروري آهي.

بيرسٽر گوهر خان کان صحافين سوال ڪيو ته جيڪڏهن نیشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر به ساڳيو چئي رهيو آهي، ته پوءِ اختلاف ڪٿي آهي؟ بيرسٽر گوهر خان جواب ڏنو ته ماڻهو نیشنل ايڪشن پلان کي پڙهڻ کانسواءِ غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن. جنوري ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي پريس ريليز ۾ نیشنل ايڪشن پلان ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز جو ذڪر موجود آهي.

هن چيو ته باني صرف اهو چئي رهيو آهي ته صرف ملٽري آپريشن سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، حڪمت عملي ۾ فرق آهي. باني پي ٽي آءِ نيشنل ايڪشن پلان تي صحيحون به ڪيون ھيون، ۽ جنرل باجوه سان به ملڪ جي مفاد لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. عمران خان کي افغان پرڏيھي وزير جي ڀارت جي دوري بابت به آگاهه ڪيو ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

عمران خان جي صحت بگڙجي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندن والد...

توشا خانا ٽو ڪيس ۾...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)L اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽...

فيض حميد جي سزا کان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اڳوڻو ڊي...

ملاقات جي اجازت نه ملڻ...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻن ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر کي ملاقات...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});