اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان افغانستان جي صوبي قندھار ۽ ڪابل ۾ افغان طالبان ۽ خوارجن جي ٺڪاڻن تي فضائي ڪارروائيون ڪيون ويون، جن دوران ڪيترا بٽالين هيڊڪوارٽر تباهه ڪيا ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج قندھار ۾ بٽالين هيڊڪوارٽر نمبر 4، 8 بٽالين ۽ بارڊر بريگيڊ نمبر 5 کي نشانو بڻايو. اهي سڀئي هدف شهرين جي آبادي کان پري ۽ احتياط سان چونڊيل هئا، جن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ فتنہ الهندستان جي مرڪز ۽ قيادت کي به نشانو بڻايو ويو. پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منھ ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ تيار آهي.

