ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتون نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته سونهه جي خريد و فروخت ڪندڙن لاءِ نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي.
بين الاقوامي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 19 ڊالر جي واڌ سان 4,217 ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ جي اثر سان پاڪستان ۾ به قيمتون وڌي ويون، جتي في توله سون جي قيمت 1,900 رپيا وڌي 4,42,800 رپيا ٿي وئي. ان سان گڏ، في 10 گرام سونهه جي قيمت 1,629 رپيا جي واڌ سان 3,79,629 رپيا تي پهچي وئي.
مارڪيٽ ماهرن موجب، عالمي سياسي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال سبب سون جي قيمت ۾ واڌ جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سيڙپڪارن جي دلچسپي پڻ وڌي رهي آهي.

