راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چودھري غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري دوران چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ موجود خوارجن خلاف مؤثر قدم کنيا آهن، ۽ مستقبل ۾ به پاڪ فوج هر دشمن جي جارحيت آڏو فولادي ديوار بڻجي بيهندي.
هن دوري دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر تازين پاڪ-افغان سرحدي ڇڪتاڻ، ملڪ جي مجموعي سلامتي واري صورتحال ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميجر جنرل احمد شريف نوجوانن کي ملڪ جو روشن مستقبل قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سندن ڪردار انتهائي اهم آهي. ان موقعي تي شاگردن ۽ استادن پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
شاگردن جو چوڻ هو ته اهڙيون وڌيڪ بامقصد ويهڪون ٿيڻ گهرجن ته جيئن غلط معلومات ۽ پروپيگنڊا جو خاتمو ٿي سگهي. هنن چيو ته قوم پاڪ فوج جي امن لاءِ ڪوششن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيندي آهي.
شاگردن اهو به چيو ته پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو، جنهن تي کين فخر آهي. ويهڪ دوران سوالن جا تفصيلي جواب مليا، جنهن سان سندن ذهنن ۾ موجود شڪ شبها ختم ٿيا.

