اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ باني پاڪستان تحريڪِ انصاف عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 9 مئي جي واقعن سميت 5 ٻين ڪيسن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اڊيالا جيل جي انتظاميه طرفان عدالت جي شوڪاز نوٽيس جو جواب پيش نه ڪيو ويو.
عدالت، عبوري ضمانت ۾ 25 نومبر تائين واڌ ڪندي، ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان خلاف 9 مئي جي هنگامي واقعن، اقدامِ قتل، ۽ جعلي رسيدن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف مبينا طور جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عدالت جي حڪم سان ايندڙ ٻڌڻي تي ٻنهي جوابدارن جي حاضري لازمي قرار ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي.

