اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاران متنازع ٽوئيٽ ڪيس ۾ سماجي اڳواڻ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا خلاف فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي. جج محمد افضل مجوڪا جي سربراهيءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ٻنهي جوابدارن صحتِ جرم کان انڪار ڪيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثي جي سڀني شاهدن کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته هادي علي چٺا کي ضمانتي مچلڪا ٻيهر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. هادي علي چٺا عدالت ۾ چيو: “مان مچلڪا نه ڀريندس، جيڪڏهن سال جيل ۾ رکڻو آهي ته رکو، اوهان ڪالهه غير قانوني ڪم ڪيو، اوهان جج ٿيڻ جي لائق ناهيو.”
ايمان مزاري پڻ عدالت کي مخاطب ڪندي چيو: “اوهان اسان کي گرفتار ڪرائڻ چاهيو ٿا، منهنجي به ضمانت رد ڪرائي ڇڏيو.” ان تي جج افضل مجوڪا رمارڪس ڏيندي چيو: “منهنجو اصول آهي ته مان عزت ڏيندس ته عزت ملندي.”
وڪيل صفائي قيصر امام عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي کي ٻين ڪيسن ۾ به پيش ٿيڻو پوي ٿو، ڪڏهن هاءِ ڪورٽ ته ڪڏهن راولپنڊي. جج جواب ڏيندي چيو: “مون انهن جي درخواست تي اڳ ۾ ئي ٽي ڀيرا ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي.”
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺيٰ خلاف اين سي سي آءِ اي پاران مقدمہ داخل ڪيو ويو آهي.

