ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، ايبٽ آباد جي مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان هڪ اهم ويهڪ دوران ملڪ جي سلامتي، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻاهرين خطري بابت چٽو موقف پيش ڪيو.
ملاقات دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ٻاهرين جارحيت ڪئي وئي ته ان جو جواب سخت ۽ شديد هوندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان نه رڳو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڳڀرو رهيو آهي، پر فتنته الخوارج جهڙن خطرناڪ عنصرن خلاف به مؤثر قدم کنيا ويا آهن.
ايبٽ آباد جي تعليمي ادارن جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ هن ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پاڪ افغان تڪرار، قومي سلامتي، ۽ معرڪہ حق جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
شاگردن ۽ استادن پاران شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جن وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. وائس چانسلر هزارہ يونيورسٽي ڊاڪٽر اڪرام الله خان چيو ته: “پاڪ فوج وطن سان محبت جو سچو استعارو آهي، جيڪا هميشه محاذِ اول تي رهي ٿي، ۽ اسان ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.”
استادن جو خيال هو ته دشمن قوتون نوجوانن جي ذهنن کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ان ڪري ضروري آهي ته شاگردن کي درست، مصدقہ ۽ حب الوطني معلومات مهيا ڪئي وڃي.
شاگردن جو چوڻ هو ته: “اسان کي فخر آهي ته اسان اهڙي ملڪ جا شهري آهيون جتي پاڪ فوج جهڙو ادارو نوجوانن کي حوصلا، رهنمائي ۽ اعتماد فراهم ڪري ٿو. سوشل ميڊيا تي فوج خلاف هلندڙ غلط پروپيگنڊا بابت اڄ اسان کي صحيح ڄاڻ ملي.”
شاگردن وڌيڪ چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهين سان شرڪت ڪندڙن جي ذهنن مان ملڪي ۽ صوبائي حالتن بابت ابھام ختم ٿيا. هن ويهڪ نه صرف علمي حلقن کي قومي سلامتي جي صورتحال بابت آگاهي ڏني، پر نوجوانن جي دلين ۾ پاڪ فوج لاءِ عزت، اعتماد ۽ جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.

