استنبول (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان ترڪيءَ ۾ ٿيل اهم ڳالهين دوران جنگبندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن بعد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ گڏيل اعلاميو جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، افغانستان، پاڪستان، ترڪي ۽ قطر جي نمائندن 25 کان 30 آڪٽوبر 2025 تائين استنبول ۾ اجلاس ٿيا، جن جو مقصد 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي دوحه ۾ ٿيل جنگبندي معاهدي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ هو، جيڪو ترڪي ۽ قطر جي ثالثي سان طئي ٿيو هو.
گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڀني ڌرين جنگبندي جي تسلسل تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ان تي عمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ طريقا 6 نومبر 2025 تي استنبول ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ طئي ڪيا ويندا.
ان سان گڏ، سڀني ڌرين هڪ مانيٽرنگ ۽ تصديق نظام قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، جيڪو امن جي تسلسل کي يقيني بڻائيندو ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر تي سزا لاڳو ڪندو.
ترڪي ۽ قطر، جيڪي ثالث طور شامل هئا، ٻنهي ڌرين جي فعال شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين گذريل ڏينهن ناڪام ٿي ويون هيون، پر ترڪي جي ميزباني درخواست تي اڄ ٻيهر ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ذريعن موجب، پاڪستاني وفد واپسي لاءِ تيار هو، پر ميزبانن جي درخواست تي افغان طالبان سان ٻيهر ڳالهين تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي عمل کي ٻيهر جاري رکڻ سان امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڀيري به ڳالهين جو مرڪزي نقطو پاڪستان جو اهو مطالبو هوندو ته افغانستان پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف واضح، قابلِ تصديق ۽ مؤثر ڪارروائي ڪري.

