استنبول مان هٿين خالي واپسي: طالبان ضد تي قائم، ثالث هٿ کڻي ويا

Homeاهم خبراستنبول مان هٿين...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير دفاع خواجه آصف تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين جو عمل ناڪام ٿي ويو آهي، جڏهن ته طالبان جي غيرلچڪدار روئي سبب ثالث ملڪ به مايوس ٿي واپس هٽي ويا آهن.

خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب، استنبول ۾ جاري ڳالهين جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستاني وفد وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته هاڻ ڳالهين جي ايندڙ مرحلي جو امڪان به ختم ٿي ويو آهي، ڇو ته ثالثي ڪندڙ ملڪن – ترڪيه ۽ قطر – به طالبان جي سخت موقف سبب پنهنجا هٿ کڻي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته پاڪستاني وفد خالي هٿ واپس آيو، جيڪو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ثالثن کي به هاڻ افغان قيادت مان ڪا اميد نه رهي آهي. خواجه آصف ترڪيه ۽ قطر جي خلوص نيت سان ثالثي جي ڪردار تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، پر افغان وفد صرف زباني يقين ڏيارڻ تي زور ڏيندو رهيو، جڏهن ته پاڪستان لکت معاهدي تي زور ڏنو، جنهن کي طالبان مڃڻ کان انڪار ڪيو.

وزير دفاع جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ثالثن طرفان ٿوري به اميد ظاهر ڪئي وڃي ها ته پاڪستان ڳالهين جاري رکي ها، پر هاڻ نه صرف ڳالهين جو عمل ختم ٿي چڪو آهي، پر ثالث به مايوس ٿي پوئتي هٽي ويا آهن.

خواجه آصف واضح ڪيو ته جيڪڏهن افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو سخت ۽ مؤثر جواب ڏنو ويندو، البت جيستائين افغانستان طرفان جنگبندي برقرار آهي، پاڪستان به امن جي پاليسي تي قائم رهندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن استنبول ۾ پاڪ افغان ڳالهين جو ٽيون مرحلو شروع ٿيو هو، جيڪو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کانسواءِ ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ختم ٿي ويو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

استنبول ۾ پاڪستان-طالبان ڳالهين جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شيڊول موجب سڀاڻي خميس...

پاڪستان ۽ افغانستان امن قائم...

استنبول (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان ترڪيءَ ۾ ٿيل اهم ڳالهين دوران جنگبندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي،...

استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان...

استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي ميزبانيءَ هيٺ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ امن لاءِ ٻيون ڳالهيون استنبول جي هڪ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});