لاهور (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن سبب باني چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي عدالتي ڪيسن جي ٻڌڻي هاڻ اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، پنجاب جي داخلا کاتي جيل انتظاميه جي سفارش تي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان فيصلي تحت عمران خان مستقبل جي سڀني عدالتي ڪارروائين ۾ اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا.
داخلا کاتي ۽ جيل انتظاميه طرفان متعلق عدالتن کي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو لنڪ نظام کي فعال بڻائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي، وڪيل فيصل ملڪ وڊيو لنڪ ذريعي واٽس ايپ ڪال تي ٻڌڻي کي رد ڪندي چيو آهي ته باني چيئرمين اهڙي ٽرائل ۾ پيش نه ٿيندو. هن الزام لڳايو ته اهو فيصلو عمران خان کي آئسوليٽ ڪرڻ لاءِ ورتو ويو آهي.
وڪيل جو چوڻ هو ته واٽس ايپ وڊيو لنڪ ٽرائل شفاف ٽرائل جو قتل آهي، ۽ اسان اهڙن سڀني ٽرائلن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسين. هن زور ڏنو ته وڪيلن ۽ خاندان جي موجودگي سان اوپن عدالت ٽرائل آئيني آرٽيڪل 10-A جي گهرج آهي.

