اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم هلندڙ مهيني پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ لاءِ حتمي منصوبي تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن تحت وفاقي اختيارن ۾ واڌ، نئين اين ايف سي ايوارڊ، مستقل آئيني عدالتن جو قيام ۽ ججن جي بدلين سميت اهم سڌارا شامل آهن.
ذريعن موجب، تجويز ڪيل ترميم ۾ آرٽيڪل 243 تحت پاڪ فوج بابت نيون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آرٽيڪل 213 ۾ تبديلي ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ پيدا ٿيندڙ ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ جو ارادو آهي.
آرٽيڪل 160(3) ۾ به تبديلي جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تحت صوبن جي حصي کي گذريل اين ايف سي ايوارڊ کان گهٽ نه رکڻ واري شق کي لچڪدار بڻائي نئين مالي نتيجا حاصل ڪرڻ جو مقصد رکيو ويو آهي.
آرٽيڪل 191 ۾ مستقل آئيني عدالتن جي قيام جي سفارش شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ججن جي بدلي لاءِ آرٽيڪل 200 ۾ به تبديلي تجويز ڪئي وئي آهي.
سياسي حلقن جو خيال آهي ته 27هين آئيني ترميم ملڪ جي انتظامي، عدالتي ۽ مالي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي جو پيش خيمه ثابت ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي، حڪومت ترميم تي سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اتحادي جماعتن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب، وزيراعظم ايم ڪيو ايم، ق ليگ، آءِ پي پي، اي اين پي ۽ جي يو آءِ سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ترميم جي اهم نڪتن تي اتفاق راءِ حاصل ڪري سگهجي.
ان دوران، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انڪشاف ڪيو آهي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ن ليگ جو وفد صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول سان ملاقات ڪري چڪو آهي، جنهن دوران ن ليگ 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ پيپلز پارٽي جي حمايت گهري آهي.
پيپلز پارٽي طرفان جاري اعلاميي موجب، ان معاملي تي غور لاءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (CEC) جو اهم اجلاس 6 نومبر تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو صدرِ پاڪستان جي دوحه مان واپسي بعد منعقد ٿيندو.

