سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي، فل ڪورٽ ۽ آئيني بينچ تي ججن جا سخت سوال

Homeاهم خبرسپريم ڪورٽ ۾...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران ججن پاران فل ڪورٽ ۽ آئيني بينچ جي تشڪيل بابت سخت سوال اٿاريا ويا. ٻڌڻي 8 رڪني آئيني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪئي، جنهن ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشہ ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل هئا.

وڪيل عابد زبيري، جيڪي مختلف بار ايسوسيئيشنز جي طرفان پيش ٿيا، دليل ڏنو ته 26هين ترميم کان اڳ مقرر ٿيل ججن تي مشتمل فل ڪورٽ کي هن آئيني نوعيت جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بينچ جي تشڪيل ڪنهن فریق جو حق نه آهي، پر فل ڪورٽ جي ٻڌڻي سان آئيني وضاحت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن فریق کي خاص بينچ جي گهر جي اجازت آهي؟ ۽ جيڪڏهن اها استدعا مڃجي ته ڇا ججن جي چونڊ به مرضي سان ٿيندي؟ جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڪئي ته آرٽيڪل 191-A تحت آئيني معاملا صرف آئيني بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿو، ۽ فل ڪورٽ جي تشڪيل جو اختيار آئيني طور واضح ناهي.

جسٽس عائشہ ملڪ وڪيل کان پڇيو ته سندن درخواست ڇا آهي، جنهن تي عابد زبيري چيو ته فل ڪورٽ، جيڪو ترميم کان اڳ مقرر ٿيل ججن تي مشتمل هجي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪري. جسٽس مندوخيل راءِ ڏني ته جيڪڏهن موجوده ججن کي هٽايو وڃي ته پوءِ ڪيس ٻڌي ڪير؟

جسٽس نعيم افغان چيو ته وڪيل جا دليل ترميم کان اڳ جي قانونن تي ٻڌل آهن، جڏهن ته هاڻي آئيني طور بينچز جي ورڇ واضح آهي، ۽ چیف جسٽس به آئيني بينچ ۾ ججن شامل نٿو ڪري سگهي.

جسٽس مندوخيل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 26هين ترميم نه هجي ها ته يحيي آفريدي چیف جسٽس بڻجي ها، ۽ جيڪڏهن موجوده ججن ترميم جا فائدو وٺندڙ آهن ته ڇا اهي ڪيس ٻڌي سگهن ٿا؟ وڪيل وضاحت ڪئي ته هو ڪنهن جج تي تعصب جو الزام نه ٿا لڳائن، صرف آئيني طريقيڪار جي پيروي چاهين ٿا.

عدالت ۾ فل ڪورٽ جي تشڪيل، آئيني بينچ جي دائري، چیف جسٽس جي اختيارن ۽ آرٽيڪل 191-A جي تشريح تي تفصيلي بحث جاري رهيو. جسٽس مظهر واضح ڪيو ته فل ڪورٽ جو لفظ آئيني متن ۾ موجود ناهي، ۽ هاڻي چیف جسٽس کي بينچ ٺاهڻ جو اختيار نه رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پي ٽي آءِ جو 27هين...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 27هين آئيني ترميم خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ جو فيصلو...

ستاويهين ترميم: قومي اسيمبليءَ ۾...

اسلام آباد (خصوصي رپورٽ) سينيٽ مان منظوري حاصل ڪرڻ بعد 27هين آئيني ترميم اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي...

ستاويهين آئيني ترميم: وفاقي ڍانچي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم هلندڙ مهيني پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ لاءِ حتمي منصوبي تي...

سپريم ڪورٽ جي بيسمينٽ ڪينٽين...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي بيسمينٽ ڪينٽين ۾ ايئر ڪنڊيشنر جي گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});