اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي بيسمينٽ ڪينٽين ۾ ايئر ڪنڊيشنر جي گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ايڪسپريس نيوز موجب، ڌماڪي کان پوءِ زخمين کي فوري طور ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي. ابتدائي طور تي 4 زخمين جي اطلاع ملي هئي، پر بعد ۾ انگ وڌي 12 تائين پهتو. ڌماڪي کان پوءِ وڪيلن ۽ سپريم ڪورٽ جي عملي عمارت مان ٻاهر نڪري آيا.
ريسڪيو ذريعن موجب، ڌماڪو اي سي گئس پلانٽ ۾ ٿيو، جنهن سبب سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ لرزش محسوس ڪئي وئي. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي ۽ امدادي ادارا فوري طور تي واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا.
بعد ۾ آءِ جي اسلام آباد به سپريم ڪورٽ پهتا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ متاثر عمارت جي اسڪريننگ مڪمل ڪئي. آءِ جي اسلام آباد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌماڪو صبح 10:55 تي ٿيو، جنهن ۾ 3 زخمي پمز اسپتال ۽ 9 پولِي ڪلينڪ منتقل ڪيا ويا. ٻن زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
آءِ جي اسلام آباد موجب، ڪينٽين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گئس ليڪيج ٿي رهي هئي، اي سي جي مرمت دوران ڌماڪو ٿيو. ماهرن جي جاچ مطابق ڌماڪو گئس سبب ٿيو. اي سي ٽيڪنيشن سخت متاثر ٿيا آهن، جن مان هڪ ٽيڪنيشن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.

