اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل 26 آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن، چاهين يا نه چاهين، 26 آئيني ترميم کي تسليم ڪري ورتو آهي.
هي ڪيس جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ ٻڌي رهيو آهي، جنهن ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل آهن.
ٻڌڻي دوران بلوچستان بار جي وڪيل منير اي ملڪ روسٽرم تي آيا، جن لائيو اسٽريمنگ بابت درخواست جو ذڪر ڪيو، جنهن تي جسٽس امين الدين جواب ڏنو ته ان تي اڳ ئي فيصلو ٿي چڪو آهي.
منير اي ملڪ چيو ته هو حامد خان جي دليلن سان اتفاق رکن ٿا ۽ وڌيڪ دليل به ڏيندا. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا هو حامد خان جي انهيءَ ڳالهه سان به متفق آهن ته 26 ھين ترميم جا نڪتا نظرانداز ڪيا وڃن؟ جسٽس محمد علي آرٽيڪل 191A کي نظرانداز ڪرڻ بابت سوال ڪيو.
منير اي ملڪ دليل ڏنو ته فل ڪورٽ ترميم کان اڳ به موجود هو، ۽ ان وقت به تشڪيل ڏئي سگهجي ٿي. هن موجوده بينچ کان فل ڪورٽ جي تشڪيل لاءِ هدايت ڏيڻ جي استدعا ڪئي.
جسٽس عائشا ملڪ پڇيو ته ڇا فل ڪورٽ جي تشڪيل ۾ ڪا رڪاوٽ آهي؟ جسٽس محمد علي سوال ڪيو ته ڇا موجوده 8 رڪني بينچ وٽ فل ڪورٽ تشڪيل ڏيڻ جو اختيار آهي؟ منير اي ملڪ جواب ڏنو ته بينچ آئيني هجي يا ريگولر، فرق نٿو پوي، موجوده بينچ فيصلو ڪري سگهي ٿو.
ٻڌڻي دوران آرٽيڪل 191A، جوڊيشل ۽ ايڊمنسٽريٽو آرڊر، فل ڪورٽ جي تشڪيل، ججن جي چونڊ، ۽ ترميم کان اڳ واري آئيني حيثيت تي تفصيلي بحث ٿيو. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ترميم کانپوءِ ترقي ماڻيندڙ ججن کي بينچ مان هٽائڻ گهرجي؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ججن کي ٻئي ملڪ مان ته نه آندو ويو آهي، جوڊيشل ڪميشن ڪنهن به جج کي نامزد ڪري سگهي ٿي.
وڪيل منير اي ملڪ چيو ته آئيني بينچ وٽ جوڊيشل آرڊر جو اختيار آهي، ۽ موجوده بينچ فل ڪورٽ جي تشڪيل جو حڪم ڏئي سگهي ٿو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته دائر اختيار کي ڇڏي، اهڙو رستو ٻڌايو جنهن سان سڀ جج بينچ ۾ شامل ٿي سگهن.
آخر ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل منير اي ملڪ جا دليل مڪمل ٿيا، جنهن بعد جسٽس جمال مندوخيل وڪيل عابد زبيري کي چيو ته ججن تي اعتراض کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو نڪتو آهي ته بيان ڪيو. عابد زبيري چيو ته هو ماضي جا ڪجهه فيصلا عدالت آڏو پيش ڪندا، ۽ ترميم کان اڳ واري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي فل ڪورٽ تشڪيل ڏيندي.
سپريم ڪورٽ 26 ھين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

