اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 26 هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواستن جي ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تي مقرر ڪئي آهي، جنهن جي سربراهي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ڪندا.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ 7 آڪٽوبر تي صبح 11:30 وڳي ٻڌڻي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل آهن.

