واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هڪ سينئر آمريڪي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته قازقستان جلد ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندو ۽ اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪندڙ هڪ ٻيو مسلمان ملڪ بڻجي ويندو۔
رائٽرز جي رپورٽ موجب، آمريڪا جي نمائنده خصوصي اسٽيور ويٽڪوف فلوريڊا ۾ بزنس فورم دوران ٻڌايو ته هو واشنگٽن واپس وڃي رهيا آهن، جتي هڪ نئين ملڪ جي شموليت جي اعلان جو امڪان آهي۔
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته قازقستان اهو ملڪ آهي، جنهن بابت اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته هو ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندو، خاص طور تي غزه جنگ سبب معاهدي جو عمل متاثر ٿيو هو۔
صدر ڊونلڊ ٽرمپ بار بار چئي چڪو آهي ته هو معاهدي جي وسعت چاهي ٿو۔ قازقستان اڳ ئي اسرائيل سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا رکي ٿو، تنهن ڪري ان جي شموليت علامتي نوعيت جي هوندي۔
قازقستان جي صدر قاسم جومرات توکيئوف جلد وائيٽ هائوس جو دورو ڪندو، جتي هو ٻين چار وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪندو۔
آذربائيجان ۽ ازبڪستان پڻ اسرائيل سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا، ۽ انهن کي به ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اميدوار طور ڏٺو پيو وڃي، پر في الحال ڪا حتمي صورتحال سامهون ناهي آئي۔
ياد رهي ته 2020 ۾ ٽرمپ جي پهرين دور صدارت دوران متحده عرب امارات، بحرين ۽ مراکش اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪندي ابراهيمي معاهدي جو حصو بڻيا هئا۔
صدر ٽرمپ سعودي عرب بابت به اميد ظاهر ڪئي آهي، خاص طور تي غزه جنگبندي بعد، پر سعودي عرب واضح ڪيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام کان سواءِ هو معاهدي جو حصو نه بڻجندو۔ ولي عهد محمد بن سلمان 18 نومبر تي وائيٽ هائوس جو دورو ڪندو۔

