واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ وچ ايشيائي ملڪن جي سربراهن سان ملاقات دوران اعلان ڪيو ته قازقستان باضابطه طور ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪو سندس ٻي صدارت جي دور ۾ شامل ٿيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي.
صدر ٽرمپ قازقستان کي “شاندار ملڪ” ۽ “باصلاحيت قيادت واري قوم” قرار ڏيندي چيو ته هي قدم عالمي امن، تعاون ۽ خوشحالي جي واڌاري ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جلد وڌيڪ ملڪ ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندا، جيڪو مشرقِ وسطىٰ ۾ دائمي امن جي بنياد بڻجندو.
امريڪي نمائنده خاص براءِ مشرقِ وسطىٰ، اسٽييو وٽڪوف، هڪ ڏينهن اڳ اشارو ڏنو هو ته جلد هڪ ٻيو ملڪ به معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو، جنهن تحت اسرائيل ۽ مسلم اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آندا پيا وڃن.
ياد رهي ته ابراهيمي معاهدو 2020ع ۾ صدر ٽرمپ جي پهرين صدارت دوران طئي ٿيو هو، جنهن تحت اسرائيل متحده عرب امارات، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.

