اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اعتراض کان پوءِ وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ کي نه ڇيڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، وزارت قانون 27هين آئيني ترميم جو ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، قانون واري مملڪتي وزير بيرسٽر عقيلي ۽ سيڪريٽري قانون تي ٻڌل ٽيم تيار ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم جي اڪثر نڪتن تي سياسي جماعتن وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ يا ٻه نڪتن تي مشاورت جاري آهي. حڪومت پيپلز پارٽي کي يقين ڏياريو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ کي ترميمي مسودي ۾ نه ڇيڙيو ويندو.
حڪومتي ذريعن موجب، ترميمي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ حڪومت پيپلز پارٽي جي جواب جي انتظار آهي. گرين سگنل ملڻ بعد مسودي کي حتمي صورت ڏني ويندي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ وفاقي ڪابينا ان جي منظوري ڏيندي، ۽ پيپلز پارٽي جون تجويزون به حتمي مسودي ۾ شامل ڪيون وينديون. ڇنڇر جي ڏينهن سينيٽ اجلاس رکڻ به ان سلسلي جي تيارين جو حصو آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي سان معاملا طئي ٿي ويا ته حڪومت وٽ ڇنڇر تي ترميم سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.

