اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيیٰ آفريدي 27هين آئيني ترميم تي غور لاءِ فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو جمعي جي نماز کان اڳ منعقد ٿيندو. اجلاس ۾ ترميم جي شق وار جائزي ۽ ان جي آئيني اثرن تي بحث ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، فل ڪورٽ اجلاس جي سڏ سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن جي لکيل خطن کان پوءِ سامهون آئي. جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله ۽ تازو جسٽس صلاح الدين پنور پاران چيف جسٽس کي خط لکي اجلاس گهرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
جسٽس صلاح الدين پهنور جي خط ۾ چيو ويو آهي ته:
فل ڪورٽ ميٽنگ ذريعي ترميم جو شق وار جائزو ورتو وڃي.
لاءِ اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي کي به مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي.
ستائيهين ترميم اختيارن جي توازن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جنهن جي تحفظ لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪردار ضروري آهي.
جسٽس پھنور وڌيڪ لکيو ته، “تاريخ اسان جي آساني نه، پر اسان جي فيصلن جي همت کي ياد رکندي. عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ فل ڪورٽ اجلاس فوري گهرائڻ ضروري آهي.”
ياد رهي ته 27هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ عدالتي ڍانچي ۾ اهم تبديليون تجويز ڪيون ويون آهن، جن تي عدليه جي اندر به بحث جاري آهي.

