اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي مختلف ڪاررواين ۽ اختيارن کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ انفرادي اپيلون داخل ڪيون آهن.
ججن پاران داخل ڪيل آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جج کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ قابل قبول ناهي، جج کي صرف آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ڪم ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجن ججن هي آئيني درخواست آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت داخل ڪئي آهي، ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس صرف آرٽيڪل 202 تحت ٺاهيل قاعدن جي موجب بينچ ٺاهي سگهي ٿو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اڳ ۾ ئي ماسٽر آف روسٽر جي نظريي کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 3 فيبروري ۽ 15 جولاءِ جي انتظامي ڪميٽين جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، انهن ڪميٽين جي ڪارروائي کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي قاعدن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ اهو به نقطو اٿاريو ويو ته هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت پاڻ کي رٽ جاري نٿي ڪري سگهي.
پنجن ججن پنهنجي خلاف فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ انفرادي اپيلون پڻ داخل ڪيون. جسٽس طارق محمود جهانگيري سائلين جي گيٽ تان ڪارڊ کڻي سپريم ڪورٽ پهتا. جسٽس بابر ستار، جسٽس سمن رفعت، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني پڻ سپريم ڪورٽ ۾ موجود هئا. اپيلون داخل ڪرڻ لاءِ ججن پنهنجو بايوميٽرڪ پڻ ڪرايو.
ان موقعي تي جسٽس محسن اختر ڪياني وضاحت ڪئي ته موجوده ضابطن موجب، سڀئي جج هڪ درخواست ۾ ڌر نه ٿا بڻجي سگهن، جنهن ڪري الڳ الڳ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. پنج ئي جج پنهنجون اپيلون داخل ڪرڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ مان واپس ھليا ويا.
ياد رهي ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ پاڪستان جي رياست کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني موقف اختيار ڪيو ته انتظامي اختيار عدالتي اختيارن تي حاوي نٿا ٿي سگهن، چيف جسٽس کي اڳ ۾ ئي قائم ٿيل بينچ کي تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي، هو پنهنجي مرضي مطابق موجود ججن کي روسٽر مان نه ٿو ڪڍي سگهي ۽ نه ئي ججن کي عدالتي فرض ادا ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿو.

