ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جسٽس ظفر راجپوت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.
گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد حلف برداري جي تقريب ۾ گورنر سنڌ ڪمرا ن ٽيسوري، جسٽس ظفر راجپوت کان حلف ورتو. تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن، گهرو وزير ضيا لنجار، ججز، وڪيل اڳواڻ ۽ اڳوڻا ججز پڻ موجود هئا.
تقريب ۾ ترڪيہ، قطر، اٽلي ۽ انڊونيشيا جي قونصل جنرلن به شرڪت ڪئي.
ياد رهي ته جسٽس ظفر احمد راجپوت ان کان اڳ قائم مقام چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائي رهيا هئا، جڏهن ته گذريل ڏينهن صدرِ طرفان انهن جي مستقل چيف جسٽس طور تقرري جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا.

