ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي جاري ٿيندڙ اي چالان بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو۔
جسٽس عدنان اقبال چوڌري جي سربراهي ۾ ٻه رڪني آئيني بئنچ سامهون درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اي چالان جي جاري ۽ موٽر ويھيڪل آرڊيننس ۾ ترميم بابت سوال اٿاريا ويا۔
درخواست گذار طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته شهر ۾ روڊن جو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿيل آهي، ٽريفڪ سگنلز مڪمل طور تي فعال نه آهن، پر ان جي باوجود 93 هزار کان وڌيڪ اي چالان جاري ڪيا ويا آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي مطابق اي چالان جي ڏنڊن جو نوٽيفڪيشن گزٽ ۾ شايع ئي نه ٿيو آهي، ۽ جڏهن اهو شايع نه ٿيو ته صرف 2023ع جا منظور ٿيل جرمانا لاڳو ٿيندا۔ ان ڪري اي چالان ذريعي لڳايل ڳرا ڏنڊ غيرقانوني آهن۔
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ۽ درخواست کي ساڳي نوعيت جي ٻين درخواستن سان گڏ ٻڌڻ جي هدايت ڪئي۔ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي۔

