ڪراچي اي-چالان ڪيس: عدالت حڪمِ امتناع جي استدعا رد ڪري ڇڏي

Homeاهم خبرڪراچي اي-چالان ڪيس:...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ لاڳو ڪيل اي-چالان سسٽم خلاف سياسي جماعتن، ٽرانسپورٽ مالڪن ۽ شهرين جي درخواستن تي فوري حڪمِ امتناع جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي. عدالت ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ۽ ٻين عملدارن کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ خلاف ورزين تي ڏنڊ لاهور جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ آهي، جنهن سان شهرين سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي. عدالت هن موقف کي رد ڪندي چيو ته مختلف شهرن جا حالتون ۽ ضرورتون الڳ هونديون آهن، تنهنڪري سادو مقابلو مناسب ناهي.

وڪيل وڌيڪ چيو ته بس مالڪن کي مسافر ويهارڻ جي اجازت به نٿي ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته بسون اسٽينڊ تي ئي روڪيون وڃن. وڪيل جواب ڏنو ته شهر ۾ مناسب بس اسٽينڊ موجود ئي ناهن، جنهن تي عدالت چيو ته هو شهرين جي مسئلن کان واقف آهن ۽ سڀني ڌرين جا جواب اچڻ کان پوءِ ڪيس گڏجي ٻڌو ويندو.

درخواستن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري، صوبائي حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس، نادرا، ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن کي ڌر بڻايو ويو آهي. شهرين ۽ سياسي جماعتن جو موقف آهي ته ڳرا ڏنڊ صرف آمدني وڌائڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن۔

واضح رهي ته سنڌ حڪومت 27 آڪٽوبر تي ھٿرادو ذهانت سان هلندڙ ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم (ٽريڪس) جو افتتاح ڪيو هو، جنهن تحت هڪ هفتي ۾ ئي سيٽ بيلٽ، هيئلمٽ ۽ شيشن بابت خلاف ورزين تي لڳ ڀڳ 30 هزار چالان جاري ٿيا، جن جي مجموعي رقم ڪروڙين رپين تائين پهتي.

جيئن ته شهرين ۽ سياسي حلقن اي-چالان تي تنقيد ڪئي آهي، پر ڪجهه حلقن اهو به تسليم ڪيو آهي ته هن نظام کان پوءِ ٽريفڪ سگنلن تي گاڏيون مقرر لائين تي روڪجڻ لڳيون آهن ۽ موٽر سائيڪل سوارن ۾ هيلمٽ جو استعمال به وڌيو آهي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي جاري ٿيندڙ اي چالان بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾...

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهرِ قائد ۾ ٽريفڪ پوليس پاران اي چالان نظام جي لاڳو ٿيڻ بعد ٽريفڪ قانونن جي...

ٽريفڪ پوليس اي-چالان تي تمام...

ڪراچي: ٽريفڪ پوليس ۽ پاڪستان پوسٽ اي-چالان گهرن تائين پهچائڻ لاءِ معاھدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر ۾...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});