اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ستاويهين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ پاڪستان جي پهرين وفاقي آئيني عدالت جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي سربراه طور جسٽس امين الدين خان ايوان صدر ۾ حلف کنيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران حلف ورتو ويو.
حلف برداري جي تقريب ۾ فِيلڊ مارشل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، وزيراعظم شهباز شريف، ۽ چيف جسٽس پاڪستان يحييٰ آفريدي سميت اعليٰ شخصيتون شريڪ ٿيون. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم به تقريب ۾ موجود هئا.
ذريعن موجب، وفاقي آئيني عدالت جي سربراه جسٽس امين الدين خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي روم نمبر 1 ۾ ويهندو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سرفراز ڊوگر روم نمبر 2 ڏانهن منتقل ٿيندو.
ان کان علاوه، وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، ۽ جسٽس علي باقر نجفي به حلف کنيو، جن کان عدالت جي سربراه جسٽس امين الدين خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ حلف ورتو.
تقريب ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر اسٽيج تي موجود هو، جڏهن ته جسٽس ارباب طاهر، جسٽس خادم سومرو، جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس محمد آصف، ۽ جسٽس انعام امين منهاس سميت بار جي صدر واجد گيلاني ۽ سيڪريٽري منظور ججهه به شريڪ ٿيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ڪجهه جج، جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان، جسٽس بابر ستار، ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل ھئا، تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا.

