اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ملڪ جي چارئي صوبن ۾ رجسٽرين قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان عوام کي انصاف تائين رسائي وڌيڪ آسان بڻجندي. عدالت جي رپورٽ موجب رجسٽرين ۾ پرنسپل سيٽ سان گڏ ويڊيو لنڪ سهولت به فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ سهولت وڌندي.
سماعت دوران جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته آئيني عدالت اڃا ٽرانزيشن جي مرحلي ۾ آهي، پر صوبن ۾ رجسٽرين قائم ڪرڻ سان عدالتي نظام وڌيڪ موثر ٿيندو.
ٻئي طرف وفاقي آئيني عدالت ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان به ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق عدالت 22 ڊسمبر 2025 کان 4 جنوري 2026 تائين بند رهندي، جڏهن ته 5 جنوري تي ٻيهر کلي ويندي. موڪلن دوران عدالت جا آفيسون کليل رهنديون ۽ ارجنٽ ڪيسن سان گڏ فڪس ٿيل مقدمات جي ٻڌڻي جاري رهندي.

