لاهور(ويب ڊيسڪ) يوٽيوبـر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي لاءِ وڏي خبر سامهون آئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جوئين جي ايپليڪيشنز جي پروموشن بابت ڪيس ۾ سندس درخواست ضمانت منظور ڪري ورتي.
جسٽس شهـرام سرور چوڌري سماعت دوران 10 لک رپين جي مچلڪن جي عيوض ضمانت منظور ڪئي. عدالت ۾ جسٽس شهـرام سرور رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن مطابق اهڙي نوعيت جي ڪيسن ۾ ضمانت نه ٿيڻ غيرمعمولي ڳالهه آهي.
عدالت ڪيس جي ڌرين جي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل پيش ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڊڪي ڀائي ضمانت تي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو.

