راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي انسداد دهشتگردي عدالت ۾ 26 نومبر جي احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي عارضي طور پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
عدالت ۾ عليمه خان سميت 11 جوابدارن خلاف ڪيس جي ڪارروائي جاري هئي، جتي عليمه خان پيش ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت جي حڪم تي ليڊيز پوليس عليمه خان کي عارضي طور تحويل ۾ وٺي ٻيهر عدالتي ڪمري ۾ آڻي ڇڏيو.
عليمه خان عدالت کان استدعا ڪئي ته سندن وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهن، تنهنڪري کين وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر پراسيڪيوٽر ظهير شاهه دليل ڏنو ته ڪرمنل پروسيجر جي سيڪشن 351 تحت ملزمه عدالتي تحويل ۾ آهي ۽ ضمانت نه ٿيڻ سبب عدالت جي اجازت کانسواءِ ٻاهر نٿي وڃي سگهي.
عدالت حڪم ڏنو ته عليمه خان عدالتي احاطي کان ٻاهر نه نڪري، ۽ ڪيس جي ٻڌڻي تائين عدالتي ڪمري ۾ موجود رهي. ان دوران سندن وڪيل فيصل ملڪ به عدالت ۾ پهچي ويا.
ياد رهي ته 26 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ عدالت اڳ به عليمه خان جا ڪيترائي ڀيرا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

