لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته پنجاب جي ننڍي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ طرفان چونڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر اهو ڪهڙو بائيڪاٽ هو جنهن ۾ عمر ايوب جي زال پاڻ چونڊ وڙهندي رهي.
نون چونڊيل ميمبرن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ ملڪ ۾ رڳو تباهي آئي، بدتميزي جو ڪلچر عام ڪيو ويو ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ مهانگائي 39 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏي، جڏهن ته اسان جي دور ۾ اها صرف 3 سيڪڙو هئي. جيڪڏهن ترقي جو سفر جاري رهندو ته پاڪستان جو دنيا ۾ هڪ مقام هوندو ۽ آءِ ايم ايف جي فڪر نه هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته 2018 کان 2022 تائين جيڪي حالتون پيدا ٿيون، انهن جا ذميوار پي ٽي آءِ وارا آهن. نفرت، ڪوڙ ۽ فساد جي سياست پي ٽي آءِ متعارف ڪرائي، اهڙي ماحول ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو؟ گذريل دور ۾ ميرٽ جون ڌجيون اڏايون ويون. باني پي ٽي آءِ اڪيلو ڏوهاري ناهي، پر کيس آڻيندڙ به ڏوهاري آهن.
نواز شريف چيو ته عوام ننڍي چونڊ ۾ ڪوڙ ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو. هن اسيمبلي ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون ته گار گند، بدتميزي ۽ فتنن واري سياست کي شڪست ملي.
هن وڌيڪ چيو ته اڄ ميرٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ترقياتي منصوبا جاري آهن، ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، روڊ ٺهي رهيا آهن، گرين بسون هلن پيون، امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، مذهب جي فرق کانسواءِ راشن ڪارڊ ملي رهيا آهن ۽ وڌيڪ منصوبا به جلد سامهون ايندا.

