ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار يو يو هني سنگھ هڪ دلچسپ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هڪ تقريب دوران بالي ووڊ جي بادشاهه شاه رخ خان ست ڪلاڪ تائين سندس هٿ پڪڙي رکيو۔
42 ورهين جي هني سنگھ موجب، فلم چنئي ايڪسپريس جي گيت “لنگي ڊانس” جي ڪاميابي کان پوءِ شاه رخ خان هڪ ديوالي پارٽي منعقد ڪئي، جتي هن هني سنگھ جو هٿ پڪڙي کيس اميتابھ بچن، ايشوريا راءِ، ماڌوري ڊڪشت ۽ ٻين وڏن اسٽارن سان ملائي ڇڏيو۔ هني سنگھ چيو ته اهو لمحو سندس زندگيءَ جي سڀ کان يادگار لمحن مان هڪ آهي۔
گلوڪار وڌيڪ ٻڌايو ته شاه رخ خان سان دوستيءَ جي بنياد اصل ۾ دهلي جو تعلق هو، ۽ ڪنگ خان کيس ذاتي طور فون ڪري “لنگي ڊانس” ٺاهڻ جي درخواست ڪئي هئي۔
هني سنگھ پنهنجي بچپن بابت ٻڌايو ته هو اسڪول ۾ ڀنگڙا، ڪيرتن ۽ مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو، ۽ هڪ ڀيري پنهنجي استاد کي چيو ته هو وڏو ٿي شاه رخ خان بڻجڻ چاهي ٿو۔
واضح رهي ته يو يو هني سنگھ هن وقت پنهنجي نئين ورلڊ ٽور “مائي اسٽوري” جي تيارين ۾ مصروف آهي۔ ان کان اڳ هو شاه رخ خان سان گڏ دنيا جو ٽور ڪري چڪو آهي۔

