ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاه رخ خان پنهنجي 60هين سالگره جي موقعي تي مداحن سان ملاقات نه ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي جذباتي انداز ۾ معافي ورتي. هن سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي لکيو ته سيڪيورٽي اختيارين جي هدايتن سبب هو پنهنجي گهر “منت هائوس” جي ٻاهران گڏ ٿيل مداحن سان ذاتي طور تي نه ملي سگهيو.
شاه رخ خان پنهنجي پيغام ۾ لکيو: “مون کي اختيارين طرفان چيو ويو آهي ته مان ٻاهر اچي توهان سڀني پيارن ماڻهن سان نه ملي سگهان، جيڪي منهنجي انتظار ۾ آهن.” هن مداحن جي محبت جو اعتراف ڪندي چيو ته اهو قدم سڀني جي حفاظت جي لاءِ کنيو ويو.
اداڪار پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکيو: “مان توهان سڀني کان معذرت خواهان آهيان، پر هي قدم توهان جي حفاظت لاءِ کنيو ويو آهي. مون کي سمجهڻ لاءِ توهان جو شڪريو، يقين ڪريو، توهان سان ملاقات نه ٿيڻ جو ڏک مون کي توهان کان وڌيڪ آهي.”
شاه رخ خان وڌيڪ لکيو: “مان توهان سڀني کي ڏسڻ لاءِ بيچين هوس، ڇو ته مان توهان سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو.” ياد رهي ته سندس سالگره جي ڏينهن منت هائوس جي ٻاهران هزارين مداحن جو هجوم گڏ ٿيو هو، جيڪي روايتي طور تي اداڪار جي بالڪوني ۾ ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
سيڪيورٽي خدشن سبب شاه رخ خان هن ڀيري مداحن کي روبرو نه ڏسي سگهيو، جنهن تي هن سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجا جذبات ظاهر ڪيا. سندس معذرت نه صرف مداحن پر سوشل ميڊيا صارفين جي دلن کي به ڇهي وئي، جيڪي هن جي حساسيت ۽ ذميواري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.

