بالي ووڊ جو سپر اسٽار سلمان خان 60 ورهين جو ٿي ويو ۽ هن پنهنجي خاص ڏينهن کي روايت مطابق قريبي دوستن ۽ اهلِ خانہ سان گڏ پنويل فارم هائوس ۾ ملهائي.
But beyond the stardom,
it’s his kind heart that truly shines.
Helping others quietly,
standing by his people,
loving with loyalty that’s Salman Khan.
Generations grew up watching him,
and generations will continue to admire him. #HappyBirthdaySalmanKhan #SalmanKhan 🫰✨ pic.twitter.com/gQobwP2aUc— S ♡ (@gloriousgurl09) December 27, 2025
سالگره جي هن نجي پر شاندار تقريب جون جھلڪيون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون، جن ۾ خوشگوار لمحات، قهقها ۽ يادگار منظر ڏسڻ ۾ آيا.
تقريب ۾ سلمان خان جي خاندان جي فردن سان گڏ فلم ۽ راندين جي دنيا جون ڪيترائي مشهور شخصيتون به شريڪ ٿيون. هڪ وائرل وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته سلمان خان ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ پنهنجي والد سليم خان کي مدعو ڪيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ سهيل خان به ساڻس گڏ موجود هو. هن لمحي کي مداحن خاص طور تي ساراهيو ۽ خاندان جي محبت ڀري منظر کي يادگار قرار ڏنو.

