منهنجو والد سان سڀ کان خوبصورت وقت پشاور ۽ سوات ۾ گذاريو، ڀارتي اداڪار جو انڪشاف
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاه رخ خان پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس اميد آهي ته هو هڪ ڏينهن پنهنجي ٻارن سان گڏ پشاور ايندو.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر جي هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ بالي ووڊ ڪنگ شاه رخ خان کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏئي رهي آهي.
هڪ تقريب دوران حنا رباني کهر شاه رخ خان کي مخاطب ڪندي چيو ته “توهان ڀارت سان گڏ پاڪستان ۾ به اوترو ئي مقبول آهيو.” جنهن تي اداڪار جواب ڏنو ته “منهنجي خاندان جو تعلق پشاور سان رهيو آهي ۽ اهي اڃا تائين اتي (قصه خواني) ۾ رهائش پذير آهن.”
ياد رهي ته پشاور جو تاريخي قصه خواني بازار پنهنجي قديمي قهوه خانن، تڪه ڪباب، چپلي ڪباب، سڪل ميون ۽ قصن جي ڪري هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.
اڳوڻي پرڏيهي وزير کيس دورو پاڪستان جي دعوت ڏيندي چيو ته “پوءِ ته توهان وٽ پشاور اچڻ جو بهترين جواز موجود آهي.”
جنهن تي شاه رخ خان جواب ڏنو: “انشاءالله مان ضرور ايندس، اصل ۾ مان پنهنجن ٻارن کي اتي آڻڻ چاهيان ٿو ۽ کين پنهنجو اباڻو علائقو ڏيکارڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته مان پاڻ اڳ ئي اتي وڃي چڪو آهيان.”
اداڪار وڌيڪ ٻڌايو: “منهنجو والد مون کي پشاور ان وقت وٺي ويا هئا جڏهن مان 15 سالن جو هوس، ۽ پوءِ ايندڙ سال به ويو هوس، جنهن کان پوءِ منهنجو والد گذاري ويو.”
شاه رخ خان انڪشاف ڪيو ته: “مون پنهنجي والد سان جيڪو سڀ کان خوبصورت وقت گذاريو، اهو پشاور ۽ سوات ۾ گذاريو هو. مان لاهور ۽ ڪراچي سميت هر هنڌ ويو هوس، ۽ منهنجي اها ئي اميد آهي ته هڪ ڏينهن پنهنجن ٻارن کي به اتي وٺي وڃان.”

