لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي نجڪاري بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ۽ امڪان آهي ته هي عمل رواں مهيني جي ٽئين هفتي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ ڪمپنين جا مالڪ ۽ ماهر اڄ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندا، جنهن ۾ پي آءِ اي جا اعليٰ عملدار به موجود هوندا. اجلاس دوران نجڪاري جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.
فائنل آڇن ۾ چار وڏيون ڪمپنيون شامل آهن، جن ۾ فوجي فرٽيلائزر، عارف حبيب گروپ، يونس برادرز ۽ ايئر بليو شامل آهن. انهن ڪمپنين طرفان ڪجهه خدشا به ظاهر ڪيا ويا هئا، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو ته جيئن اعتماد جو ماحول پيدا ٿي سگهي.
اجلاس ۾ پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال، قرضن جو بار، آپريشنل خرچ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي به تفصيلي بحث ٿيندو. حڪومت جي ڪوشش آهي ته نجڪاري جو عمل شفاف ۽ تيز رفتار هجي، جيئن قومي ايئر لائن کي بحران مان ٻاهر ڪڍي جديد معيارن تي آندو وڃي.
پي آءِ اي جي نجڪاري کي ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ وڏو فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي، ڇو ته ان سان نه رڳو قومي خزاني تي بار گهٽ ٿيندو پر ايئر لائن کي بهتر انتظامي صلاحيت ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو موقعو به ملندو.

