عمران خان جيل رولز تحت سياسي ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري سگهي: وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس

HomeFeatured Newsعمران خان جيل...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جيل رولز جي مطابق سياسي ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري سگهي، ڇو ته قاعدن ۾ واضح طور لکيل آهي ته ملاقات دوران ٿيل ڳالهه ٻولهه کي پبلڪ نٿو ڪري سگهجي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جي جيل ملاقاتن بابت ڪيترائي غلط تاثر ڏنا پيا وڃن.

اعظم نذير تارڙ چيو ته اسلام آباد جي نئين جيل اڃا آپريشنل ناهي، جڏهن ته اڊياله جيل پنجاب ۾ آهي ۽ ملاقاتون جيل مينيوئل تحت ٿين ٿيون. رول 265 موجب قيدي هفتي ۾ هڪ ملاقات ڪري سگهي ٿو، ملاقات ڪندڙن جو انگ ڇهه هوندو ۽ قيدي هفتي ۾ هڪ چٺي لکي سگهي ٿو، پر سياسي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي.

هن چيو ته عمران خان سزا وارو قيدي آهن، ۽ اهڙي قيدي کي بنا نگراني ملاقات جي اجازت نٿي ملي. رول 557 تحت سپرنٽنڊنٽ کي اختيار آهي ته جيڪڏهن ملاقات امن و امان لاءِ خطرو هجي ته ملاقات روڪي سگهي ٿو. هن چيو ته اهي قانون نوان ناهن، ڏهاڪن کان موجود آهن، هڪ دور ۾ انهن رولز کي معطل ڪيو ويو هو، جڏهن نواز شريف جيل ۾ هئا ته اڊياله ۾ ملاقات جي اجازت هئي پر ڪوٽ لکپت ۾ نه هئي.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڻ وزيراعظم هئڻ دوران چيو هو ته سزا واري قيدي کي اهڙي سهولت نٿي ملي سگهي، ۽ سپريم ڪورٽ به ان بابت فيصلو ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز هڪ ئي جيل ۾ هوندي به نٿا ملي سگهيا، وڪيلن کي به هفتي ۾ هڪ ملاقات ملي ٿي ۽ ان لاءِ انڊرٽيڪنگ ڏني ويندي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به جيل ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي يا اهڙو ارادو ظاهر ڪيو ته رياست پنهنجو ردعمل ڏيکاريندي.

وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو ته عمران خان 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا وارو قيدي آهن ۽ جيل ۾ اضافي سهولتون حاصل آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي قيدي کي ڪڏهن نه مليون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ عورت اڳواڻ عالمي ميڊيا تي غلط دعوائون ڪري رهي آهي ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي.

عطاالله تارڙ چيو ته عمران خان جون ٽيئي ڀينرون 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران موجود هيون، ۽ ملاقاتن کان پوءِ سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سبب عظميٰ خان جي ملاقات تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته جيل رولز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي ملاقاتون بند ڪيون وينديون ۽ اڊياله ٻاهران امن و امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته اندر کان پيغام موڪليا وڃن ٿا ته فوج ۽ آرمي چيف خلاف ٽوئيٽ ڪيو وڃي، جڏهن ته پي ٽي آءِ دور ۾ عورتن کي به گرفتار ڪيو ويو. اطلاعات واري وزير چيو ته ملاقاتن جو مقصد قانوني مشاورت هوندو آهي، نه ته رياست کي ڪمزور ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن.

عطاالله تارڙ چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط آهي، معيشت بهتر ٿي آهي، ۽ ڪنهن به صورت ۾ ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي مفادن کي قربان ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته عمران خان سڀ کان وڌيڪ مراعات يافته قيدي آهن، ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪنهن به شخص جي ملاقات بند ڪئي ويندي.

پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ جو اين ايف سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ سٺو قدم آهي ۽ وفاق صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

عمران خان جي صحت بگڙجي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندن والد...

توشا خانا ٽو ڪيس ۾...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)L اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽...

فيض حميد جي سزا کان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اڳوڻو ڊي...

ملاقات جي اجازت نه ملڻ...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻن ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر کي ملاقات...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});